نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هٿيارن جي غيرضروري ڊوڙ جي خاتمي لاءِ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ع??لدرآمد تمام گهڻو ضروري آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ”الجزيره“ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران پرڏيهي وزير چيو ته انهن قراردادن تي ع??لدرآمد نه ٿيڻ سان خطي جي امن تي سڌوسنئون اثر پئجي رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي ترقي ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ع??ائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) پڻ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ڏس ۾ ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي مسئلو آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي امنگن موجب غيرجانبدراڻي ريفرنڊم جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قراردادن کي 70 سال اڳ منظور ٿيڻ جي باوجود انهن تي ع??لدرآمد نه ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته ڪشمير گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ ۾ 7 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن، والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي انساني حقن جون بدترين سنگين خلاف ورزيون درپيش آهن. ڪشمير کي انساني جيل قرار ڏيندي هن چيو ته ماڻهن کي انهن جي منصفاڻي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي ڀارت نظربند ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ان تڪرار تي جنگيون وڙهي چڪا آهن ۽ اهو مسلسل ڇڪتاڻ جو سبب آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي قراردادن تي ع??لدرآمد کي يقيني بڻائي جيڪي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آهن. اهو پڇڻ تي ته ڇا ڪشمير جي آزمائش جي فل??طي?? سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته ٻنهي کي انصاف کان انڪار کي منهن ڏيڻو پيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ او آءِ سي جي فل??طي?? بابت رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو ذڪر ڪيو جتي هن فل??طي?? جي ع??ام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڪشمير ۽ فل??طي?? بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي جلد عملدرآمد تي زور ڏنو. موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ڇو ته اهو 10 سڀ کان وڌيڪ منفي طور تي متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن گذريل سال پاڪستان کي ٿيندڙ وڏي ??قصان جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ فصل، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کانسواءِ 30 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي کانپوءِ انتهائي مددگار ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ جنيوا ۾ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا.