اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي ڪيو ويو پر اهو انهن سمورن غيرملڪين جي خلاف آهي جن وٽ ويزا دستاويز نه آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان قومي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ۽ انهن جي محفوظ واپسي هڪ جدا مسئلو آهي. ترجمان ??يو ته جاري آپريشن انهن ماڻهن جي خلاف آهي جن يا ته پنهنجي ويزا کان وڌ??ڪ قيام ڪيو آهي يا انهن وٽ قيام جي لاءِ صحيح دستاويز نه آهن. هن واضح ڪيو ته ان آپريشن جو انهن افغان پناهگيرن سان ??و تعلق نه آهي جن جي پاڪستان معاشي مجبورين جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار جاري آهي جڏهن ته هن ان ??الهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولتن جي غلط استعمال کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي افغانستان ??ان خطرن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا ۽ افغان عملدارن سان ??الهه ٻولهه جاري رکنداسين ته جيئن ان ??الهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي لاءِ استعمال نه ٿئي. ترجمان ??يو ته پاڪستان ??ارتي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پاڪستاني ص??افين ۽ تماشائين کي ويزا جاري ڪن جيڪي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي ته اهو پاڪستان ??رڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سازگار ما??ول فراهم ڪري. ترجمان ان ??الهه تي زور ڏنو ته راندين کي سياست کان سان ??نڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم ٻطرفي ڪرڪيٽ سيريز جي لاءِ ڀارت جو دورو نه ڪري رهي آهي ۽ ان ??ي عالمي سيريز ۾ شرڪت جو پورو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ترجمان ??يو ته پرڏيهي وزارت کي اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصرن کي گهرائڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته ان عمل کي پاليسي ۽ ماضي جي طرزعمل موجب آسان بڻايو ويندو.