اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون ??زاداڻيون، منصفانيون، شفاف ۽ جامع ٿيڻ گهرجن، ملڪ ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي پسند جا ليڊر چونڊ نه ڪري سگهي ته جمهوريت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد علي دراني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته معيشت سميت سمورن ممڪن محاذن تي مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي، اداراجاتي ۽ ٻين ڌرين جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته تلخيون ??تم ٿيڻ گهرجن ۽ تعاون ۽ درگزر جو رستو نڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته مشڪل فيصلن جي لاءِ ع??ام جي حمايت ۽ انهن جي حصيداري گهربل هوندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊون ??سان جي ملڪ جي نئين سر تعمير جي لا??ِ ضروري تحريڪ پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو موقعو آهي. صدر سمورن سياسي اڳواڻن پاران ڏنل بيانن کي پڻ ساراهيو ته هڪ برابري جو ميدان هجڻ گهرجي ڇو ته شموليت جو هي اهم ۽ واحد معاملو جمهوريت جي روح آهي.