اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وف??قي اردو يونيورسٽي جي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ان ج?? معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ايوان صدر ۾ وف??قي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجل??س ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وف??قي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته يونيورسٽي جي سينيٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورسٽي جي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مقررين ج?? ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي جي سينيٽ پر??في??ر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وف??قي اردو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وف??قي اردو يونيورسٽي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. اجل??س ۾ وائيس چانسلر جي مقرري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وف??قي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ وف??قي اردو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن ج?? ڏس ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان ج?? صدر جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته اجل??س ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ضابطگين ج?? الزامن ج?? جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽي جون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.