ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مس??د جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج ??قي??ت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مس??د جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج ??قي??ت پيش ڪيو، مرحوم شيخ زيد جي دانشمنداڻي قيادت دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪلچر کي سگهه ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شيخ زيد مس??د جو عظيم پيغام گڏيل بقاءَ، ڀائيچاري ۽ ٻين ثقافتن جي لاءِ وڏي دل جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو، اهو پيغام گڏيل عرب امار??ت جي باني جي شاندار ميراث کان متاثر آهي. نگران وزيراعظم کي اسلامي ثقافت جي حقيقي جوهر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مس??د جي اهم ڪردار بابت ٻڌايو ويو. شيخ زيد گرينڊ مس??د جديد اسلامي فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي جنهن ۾ 40000 کان وڌيڪ نمازين جي ويهڻ جي گنجائش آهي. شيخ زيد مسجد گڏيل عرب امار??ت جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي مسجد آهي. مس??د جي دوري دوران پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمزي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.