ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪو??ت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنا??اج?? جي استعمال تي آهي، تحقيق جو فروغ هر حڪو??ت جي ترجيح هجڻ گهرجي، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ ٽيڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته معياري ۽ صحت جي بهتر خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪو??ت جي آئيني ذميواري آهي. اسان شهرين کي صحت جي برابر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سرنديءَ وارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. آغا خان يونيورسٽي جو تعليم، تحقيق ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ هاڻي آرٽس ۽ سائنس جي شعبي ۾ پڻ يونيورسٽي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. آغا خان يونيورسٽي پاڪستان جي لاءِ هڪ قومي اثاثو آهي، تحقيق ۽ ٻين شعبن جي ڪري آغا خان يونيورسٽي جو شمار دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئ?? ٿو ۽ ان مان ان ڳا??هه جي عڪاسي ٿئ?? ٿي ته پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ تعليم ۽ علم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر ضرورت جي موقعي تي آغا خان يونيورسٽي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀايون آهن. ڪورونا دوران مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ ڪوويڊ جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ هزارين ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت کي يقيني بڻايو. ٻوڏ دوران پڻ آغا خان يونيورسٽي متاثر علائقن ۾ هزارين هيلٿ ڪلينڪس قائم ڪيون جن جي ذريعي لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. آغا خان يونيورسٽي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آغا خان يونيورسٽي پرنس آغا خان جي ويزن ۽ فهم ۽ فراصت جو مظهر آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن هڪ بهترين ذريعو آهي، جديد ٽيڪنا??اج?? سان مرض بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، ٽ??ڪنا??اج?? صحت سميت هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان مرض جي تدارڪ ۽ تشخيص جي لاءِ جديد ٽيڪنا??اج?? جي استعمال جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽ??ڪنا??اج?? جي ذريعي سمورن شهرين کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي خواب کي پورو ڪيو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنا??اج?? تي آهي، رڳو صحت جي شعبي تائين ئي نه هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنا??اج?? کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس خواب رهيو آهي ته هو هڪ استاد بڻجي پر ائين نه ٿي سگهيو.