اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن جي پوليس اسٽيشن تي ده??تگ??د حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ده??تگ??د حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم حملي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪ?? طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن. سڄي قوم ده??تگ??دي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.