اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن هلندڙ مهيني ڀارت جي هندو ياتري?? کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪيا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مهيني بابا گرو نانڪ جي 544 هين جنم ڏينهن جي تقريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياتري?? کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين سک ياتري?? کي پاڪستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائري?? کي ويزا جاري ڪرڻ پاڪستان جي مذهبي جاين جي دور?? کي آسان ??ڻا??ڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي زائري?? کي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.