اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ عورتن جو مقام بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي روزگار جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن جي معاشي شموليت وڌائڻ جي لاءِ عورتن کي ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول ڏيڻو پوندو، عورتن کي جائز حصو ڏيڻ ۽ محفوظ معاشرو جوڙڻ اسان جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هرا??مي??ٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي هيڊ آفيس جي دوري جي موقعي تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. هرا??مي??ٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار، سيڪريٽري عارف ڪريم ۽ محتسب جي عهديدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسلام عورتن ??ي ملڪيت جا حق ڏنا آهن، دٻاءُ جي ??ري عورتن پاران خاندانن جي ماڻهن ??ي ملڪيت جي منتقلي جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مناسب قانونسازي تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف جو عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ محتسب جي ڪيسن جي ذاتي ٻڌڻي ??ري رهيو آهيان. صدر چيو ته عورتن جي هرا??مي??ٽ ۽ ملڪيت بابت اهم فيصلن ??ي ميڊيا تي اجاگر ڪرڻ سان محتسب جي ڪردار بابت آگاهي وڌائڻ ۾ مدد ملندي، مقامي پوليس ??ي ملڪيت جي معاملن ۾ عورتن جي شڪايتن تي پنهنجو ردعمل بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پوليس اهلڪارن کي عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ڪرڻ جي ايڪٽ جي شقن بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي، محتسب عورتن کي انهن جي درن تي فوري انصاف جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي پهچ ۽ ڪارڪردگي وڌيڪ وڌائي. صدر چيو ته محتسب تجويزون ح??صل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ ??ير??رڪاري ۽ عورتن جي حقن جي تنظيمن سان رابطو وڌائي. هن چيو ته عورتن کي سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ هرا??مي??ٽ کان پاڪ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ معاشي ۽ سماجي خودمختياري جي لاءِ ضروري آهي، عورتن کي روزگار جي فراهمي ۽ هرا??مي??ٽ جي خاتمي واري ايڪٽ بابت آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري سان تعاون وڌائڻو پوندو. هن عورتن کي تيز تر انصاف فراهم ڪرڻ ۾ هرا??مي??ٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتن جي قيادت هيٺ هرا??مي??ٽ جي خاتمي جهڙا ادارا ڪم ڪار وارين جاين تي عورتن کي درپيش مشڪلاتن ??ي منهن ڏيڻ، ملڪيتي حق ح??صل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهن. ان کان اڳ هرا??مي??ٽ جي خاتمي بابت محتسب فوزيه وقار عورتن جي حقن جي تحفظ ۾ محتسب جي ڪردار تي روشني وڌي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته هرا??مي??ٽ جي خاتمي بابت محتسب ڪم ڪار وارين جاين تي هرا??مي??ٽ ۽ عورتن جي ملڪيت جي ڪيسز ۾ تيز تر انصاف فراهم ??ري رهيو آهي، 2023ع ۾ محتسب وٽ هرا??مي??ٽ جا 725 ڪيس داخل ٿيا جن مان 517 جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته محتسب جي فيصلن جي خلاف هيستائين 208 اپيلون صدر وٽ داخل ڪيون ويون، رڳو 10 اپيلن تي ايوان صدر ۾ ڪارروائي جاري آهي جڏهن ته باقي اڪلايون ويون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آگاهي جي ??ري هرا??مي??ٽ ۽ عورتن جي ملڪيت جا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته عورتن جي هرا??مي??ٽ، ملڪيت جي حقن کان محرومي پاڪستان ۾ عام مسئلا آهن. ان موقعي تي هرا??مي??ٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ي محتسب جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيو.