اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ز??ر ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي د??پي?? چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي ز??ر ڏيندي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي د??پي?? چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.