ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي استحڪام اسان ??و بنيادي مقصد آهي، معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه، وفاقي ۽ صوبائي و??ير ۽ لا??اپ??ل وزارتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وز??راعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ملڪ جو معاشي استحڪام اسان ??و بنيادي مقصد آهي، ??نڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ پاڻي جي پهچ جي پراڻي مسئلي جو جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي. هن لا??اپ??ل وفاقي ۽ صوبائي و??يرن کي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وز??راعظم کي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ نجي حصيداري تحت ٺهندڙ ڪامياب منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس ۾ وز??راعظم کي پاڻي و??يلن، مواصلات، اوڳاڙين، توانائي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني و??ي.