اسلام آباد– 26 – ما??چ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيب??پخ??ونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري ما??جي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، اسان دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي پ??ڪستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ ج?? حملي جي منصوبابندي پ??ڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي، اسان اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ ما??جي ويندڙ چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.