اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پاڪستان گذريل ڏينهن افغانستان جي شهر هرات جي هڪ مسجد تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي ج?? شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ج??هن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت افغانستان جي عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جا احساس ۽ دعائون متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آ??ن. بيان ۾ و??يڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان عبادتگاهن تي ڪڌي حملن سميت هر قسم جي دهشتگردي ج?? مذمت ڪري ٿو.