لاهور-11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي عمده ڪارڪر??گي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رانديگرن ٽورنامينٽ دوران شاندار ڪارڪر??گي جو مظاهرو ڪندي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، جاپان خلاف به پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ بهترين ڪارڪر??گي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ??زيراعظم چيو ته کٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، قومي هاڪي ٽيم سڄي قوم جا دل کٽيا آهن. هن چيو ته ڊگهي وقت کان پوءِ پاڪستان قومي راند جي هن اهم ٽورنامينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين خاص ڪري هاڪي کي هٿي وٺائڻ ل??ءِ هر ممڪن قدم ک??ي رهي آهي.