اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين جي فتح نه ٿ??ڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر غلام نبي فائي جي قيادت ۾ سمنڊ پار ڪشمير?? ڪارڪنن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت بابت عا??مي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪشمير?? ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان هر موقعي تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ۾ آواز اٿاريو. هن چيو ته مون پنهنجي 2022ع جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ ٻين فورمز جي اجلاسن جي موقعي تي خطابن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، ان کان??وا??ِ عا??مي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ پڻ ڪشمير ڪاز کي ڀرپور اجاگر ڪيو. وزيراعظم ڪشميرين جي فتح نه ٿ??ڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. وفد ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم ??ان خطي جي تازه ترين اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه کان??وا??ِ وزيراعظم کي دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو.