اسلام ??باد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن، ??هلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي قرض آهن، ??نهن کي اسان کي دهشتگردي جي مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ضلعي لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ ڪيپٽن سميت پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي تمام گه??و ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اسان تي هڪ قرض آهي جنهن کي اسان کي ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. وزيراعظم سوڳوار خ??ندانن سان دلي تعزيت ڪئي آهي.