اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر ا??شورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشورنس محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ا??ڙن خيالن جو اظهار وفاقي انشورنس محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ص??ر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين ??ي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشورنس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ا??وان ص??ر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وفاقي انشورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.