اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سفارتڪار عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سفارتڪاري جي شعبي ۾ پاڪستاني عورت سفارتڪارن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. گڏيل قومن جي جنرل ا??يمبلي جي 76 هين اجلاس ۾ گڏيل قومن جي جنرل ا??يمبلي اتفاق راءِ سان هر سال 24 جون ت?? سفارتڪاري ۾ عورتن جي ڪردار جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نا??ب وزيراعظم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پاڪستاني عورتن جو سفارتڪاري جي ميدان ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه شائسته اڪرام الله، محترمه بينظير ڀٽو جهڙين ٻين ڪيترين ئي اهم عورتن رڪاوٽون ٽوڙي سوين عور?? سارتڪارن جي لاءِ راهه هموار ڪئي جيڪي عالمي سطح تي وقار سان گڏ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيون آهن. نا??ب وزيراعظم عورت سفارتڪارن کي ساراهيو ۽ انهن جي خدمتن ۽ تعاون تي انهن جا ٿورا مڃيا.