آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ڊمه ڊوله، باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي سخت ک??ن سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن امان ۽ جم??وريت جا دشمن آهن. ه?? چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي جي لعنت جو ملڪ مان خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. و??ير??عظم مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جم??ل جي دعا ڪئي.