اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجا?? جو صدر ا??هام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبا?? ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. صدر ا??هام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربائيجا?? جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوص?? دعوت تي پاڪستا?? جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.