اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئيني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنه?? جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيندا آهن. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا سڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آهن، جڏهن ته انه?? جو حل ڪڍيو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آهي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وي??دي??ن. هن چيو ته ??ڪو??ت ڄاڻي تي ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمت?? جو مسئلو آهي ۽ ??ڪو??ت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ر??ي آهي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي ر??يو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي ر??ي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستا?? جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ر??ت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي سرحد ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آ??ي ته پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آهي جڏهن ته ان مسئلي تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پو??دي??ن.