اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلال چوڌر?? چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي م??رو?? معافي جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ هن چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي ماڻهن چيو ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ??يڻ ??ي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌر?? چيو ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳلي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي مخاطب ٿيند?? چيو ته هاڻي ڪا م??رو?? معافي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.