اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، متحده ق??مي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده ق??مي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده ق??مي موومينٽ پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي پاليسين جي ڪري مهانگائي جي شرح سنگل ڊي??ٽ تي اچڻ تي وزيراعظ?? کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظ?? کي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظ?? کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجويزون ۽ ملڪي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ سيد امين الحق شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته متحده ق??مي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ٻين شهري علائقن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ م??جو?? هئا.