اسلام آباد -08 س??پٽ??بر (اي پي پي) صدر مملڪت آ??ف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪ بحريه ملڪ کي درپيش روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ??لاحيت رکي ٿي. هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي، ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان يوم بحريه جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت آ??ف علي زرداري پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وطن جي دفاع ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار، آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ?? قربانين کي به ساراهيو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري پاڪ بحريه پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. صدر مملڪت چيو ته پاڪ بحريه ملڪ کي درپيش روائتي ۽ غير روائتي بحري چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ??لاحيت رکي ٿي، هڪ مضبوط بحريه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي. صدر مملڪت آ??ف علي زرداري پاڪ بحريه کي جديد ۽ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪي دفاع ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جو اهم ڪردار آهي. پاڪستان جي بحري مفادن ۽ حدن جي دفاع لا??ِ پاڪ بحريه هر وقت تيار آهي، قوم پاڪ بحريه، ان جي جوانن جي بهادري ?? حب الوطني جي جذبي تي فخر ڪري ٿي، پاڪ بحريه جي هيروز جون قربانيون قوم لاءِ مشعل راهه آهن.