اس??ام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن ۽ توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، شهيد لانس نائيڪ حسنين علي شاهه جي گهر وارن سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته شهيد لانس نائيڪ حسنين علي شاهه عو??م ۽ پاڪ ڌرتي جي تحفظ لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي. پاڪستان لانس نائيڪ حسنين علي شاهه جي رت جو قر??ي آهي، شهيدن جي قرباني ڪڏهن به ضايع وڃڻ نه ڏينداسين. لانس نائيڪ 2015ع ۾ وادي تيراه ۾ آپريشن ??رب عضب دوران شهيد ٿيو هو.