اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏ??نه?? جي موقعي تي سعودي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مضبوط ۽ پ??ئيدار دوستي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي متحرڪ قيادت ۾ سعودي عرب عالمي رهنما جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، بين المذاهب مڪالمي، افهام تفهيم ۽ مختلف عالمي فورمز جي ذريعي تعاون جي فروغ جون سعودي ڪوششون مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل احترام، تعاون، گڏيل قدرن ۽ پ??ئيدار دوستي تي ٻڌل قدر رکن ٿا، مسلمان دنيا جي رهنما جي طور تي سعودي عرب انصاف، برابري ۽ امن جي مقصد جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. سعودي عرب جي قومي ڏ??نه?? جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ پ??ڪستان جي عوام پاران خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، سعودي عرب جي ڀائر عوام کي سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏ??نه?? جي خوشي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دورانديش قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. جنهن مملڪت جي ترقي ۽ خوشحالي طرف ثابت قدمي سان رهنمائي ڪئي، گڏوگڏ هن خادم الحرمين الشريفين جي مقدس ذميوارين کي پڻ چڱي ريت نڀايو. وزيراعظم چيو ته اسان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي صاحب بصيرت قيادت کي پڻ تمام گهڻو ساراهيون ٿا، جنهن جي قدمن سعودي عرب کي جديديت ۽ اقتصادي ترقي جي مشعل بردار جي حيثيت تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ هي مبارڪ ڏ??نه?? ملهائي رهيا آهيون ته آئون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پ??ئيدار دوستي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي عرب کي خوشحالي، ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.