راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سا?? وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ??دا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد (عمر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محم?? الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اختر زمان شهيد (عمر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاه?? الله شهيد (عمر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف علي شهيد (عمر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سال، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز ??ان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي ان?? ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.