اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلا??از ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چي?? ته اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خص??صي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه (سي آ??ِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ميمبرن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چي?? ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري جي لا??ِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چي?? ته پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪم ڪيو آهي. ترجمان چي?? ته پاڪستان پاران ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي ع??اس?? ڪري ٿي.