اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس لاءِ ??عليٰ سطحي وفدن جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن س??ن اقتصادي ترقي لاءِ ??اهه هموار ??ين??ي. گذريل ڏينهن هڪ نجي نيوز چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ ??هڙا اعليٰ سطحي وفد اقتصادي، سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن لاءِ ملڪ جو دورو ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سياسي پارٽين کي پنهنجا اختلاف هڪ پاسي رکي سربراهي اجلاس جي ڪاميابي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي روشني به وڌي ته 23هين شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس هڪ اهم جيو پوليٽيڪل لمحو آهي، ڇو ته اقتصادي رفتار ايشيا ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ پاڪستان ان عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.