رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪ??نف??نس جي موقعي تي ويٽنام جي وزير??عظ?? فام من چن سان ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ويتنام ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ لاڳاپن جي فرو?? جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزير??عظ?? ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوالي سان ويٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ويٽنام جي وزير??عظ?? کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.