اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي ش??ادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنص??ن جي فوري نشاندهي ڪري ??نهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنص??ن جي فوري نشاندهي ڪري ??نهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن جا اهلڪار امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير فساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري ??هيا آهن، 46 سالن جي ش??يد ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻا??ن جي دنيا شرپسند عنص??ن جي هٿان اجڙي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان شهيد ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.