اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد ترين خدمت مرڪز قائم ڪيو ويو جتي سفارتي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سفارتڪار?? جي سهولت لاءِ قائم ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان سينٽر ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ ۽ ا?? جي تجديد، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس تصديق، گمشدگي جي رپورٽ، ڪرائيدار?? جي رجسٽريش?? جي سهولت خدمت مرڪز ۾ دستياب هوندي. پرڏيهي?? جي رجسٽريشن، گهريلو ملازم?? جي رجسٽريشن، رضاڪار?? جي رجسٽريشن، گاڏي?? جي تصديق ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب سفيرن ۽ پرڏيهي?? جي سهولت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اهو مرڪز سفارتي برادري ۽ سمورن مهمانن لاءِ سيڪيورٽي ۽ خدمت?? جي فراهمي جي اسا?? جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. خدمت مرڪز ۾ سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين کي سموريون سهولتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو سم??ت پوري گادي واري هنڌ کي خوبصورت بڻائڻ اسان جو مشن آهي، خدمت مرڪز جي قيام سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سفارتڪارن وچ ۾ رابطا ۽ گڏيل تعاون ??ڌي?? مضبوط ٿيندو. هن چيو ته 1500 کان ??ڌي?? پوليس ۽ ايف سي اهلڪار ۽ 20 پوليس گاڏيون ڊپلوميٽڪ انڪليو جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن. وفاقي وزير محسن نقوي سفارتڪارن سان گڏجي ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو دورو پڻ ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پوليس خدمت مرڪز جي مختلف ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو. آءِ جي اسلام آباد پوليس پرڏيهي شهرين کي فراهم ڪيل سمورين سهولت?? جي باري ۾ بريفنگ ڏني. تقريب ۾ شريڪ سفارتڪارن ۽ پرڏيهي شهرين ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جي قيام تي گهرو وزير جي ٿورو مڃيو، تقريب ۾ سفارتڪار?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊي سي اسلام آباد ۽ اسلام آباد پوليس جا سينئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.