اسلام آباد- 19 نومبر (??ي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان جامع، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل گورننس طرف هڪ اهم قدم آهي، انهن قدمن سان پاليسي ۽ فيصله سازي ۾ عوام جي راءِ ۽ تجويزن جي شموليت يقيني بنائڻ ۾ مدد ??لندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي آهي، اها شموليت طرف اسان جي سفر ۾ تبديلي، شفافيت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل نظم و نسق طرف هڪ قدم آهي. پبلڪ پرائيويٽ ڊائلاگ نظم ۽ نسق ۾ طويل عرصي سان فائدي وارا رهيا آهن پر اسان جو موجوده طريقيڪار ان تي پورو ناهي لٿو. انهن ۾ وسيلن ۽ شموليت جي کوٽ آهي ۽ اهو ايڊهاڪ ازم تي ٻَڌل آهي. ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ سان اسان صرف انهن چئلينجن کي مُنهن ڏئي سهگون ٿا پر اسان ملڪي ترقي لاءِ حڪومت ۽ شهرين جي شموليت، ان و?? ۾ ??هڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان قومي پبلڪ پرائيويٽ ڊائلاگ فريم ورڪ 2022ع ۾ تيار ڪيو، ا?? ۾ ??موليت، شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن، اداره جاتي هم آهنگي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته تخليقي مصنوعي ذهانت ۽ لارج لينگوئج ماڊلز جو استعمال، ان پليٽ فارم تي درست رهنمائي فراهم ڪري ٿو ۽ ثبوت تي ٻَڌل پاليسي سازيءَ کي فعال ڪري ٿو. ان سان ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بنائن ۾ مدد ??لندي. ان ۾ مڪمل رڪارڊ رکڻ جي صلاحيت موجود آهي. شفافيت ۽ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان پنهنجي صلاحيت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. سميڊا جي سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري عورتن جي مدد ??اءِ ڪاروباري پاليسي تمام اهم آهي. صنعت ۽ پيداوار نئين انرجي وهيڪل پاليسي ذريعي جٽادار ۽ جدت لاءِ هڪ پاليسي فريم ورڪ جوڙيو آهي. انهن منصوبن جي نتيجن سان ثابت ٿئي ٿو ته ٽيڪنالاجي ڪهڙي طرح تبديل ڪري سگه??ي ٿي. اهو پليٽ فارم اسان کي جامع ۽ اثرائتي پاليسي سازي ۽ سيڙپڪاري ۾ مدد ??راهم ڪندو. ان تي عملدرآمد خاص طور تي ايف سي ڊي او جي مالي حمايت سان ريونيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ پروگرام ۽ فني مهارت اسان جي ڀائيوارن جي تعاون کانسواءِ ممڪن ناهي. اسان ٽيڪنالاجي کي مضبوط بنائڻ لاءِ هڪ معيار قائم ڪيو آهي. سٺي حڪمراني لاءِ اهو پليٽ فارم ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته شهرين جي ڳالهه ٻُڌي وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي. حڪومت جامع ۽ شفاف گورننس لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. اچو ته اسان گڏجي ان ڊجيٽل دؤر کي اختيار ڪريون، وڌيڪ ڀائيواري جمهوريت بڻايون ۽ اهڙيون پاليسيون بڻايون جيڪي پاڪستان جي عوام جي حقيقي امنگن جي عڪاسي ڪندڙ هجن.