اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر ڪارروائي دوران 2 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪرڻ تي فورسز کي ساراهيو. هن ملڪ مان ??هشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.