اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه اچڻ تي گهٽ آمدني وار?? ملڪن مان صرف ڇهه 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وار?? ملڪن جي درجي تي پهچي سگهندا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عالمي بئنڪ موجب ايندڙ 25 سال دنيا جي 26 غريب تري?? ملڪن لاءِ وچولي درجي جي آمدني تائين پهچڻ جي حوالي سان فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، انه?? ملڪن ۾ سراسري ڏهاڙي آمدني 2.15 ڊالرن کان گهٽ آهي ۽ هي انتهائي غربت جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترقيءَ سبب انه?? ملڪن ۾ اؤسر ??ي شرح جمود جو شڪار آهي. 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عالمي بئنڪ 63 ملڪن جي گهٽ آمدني طور درجابندي ڪ??ي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي درجي وارا آمدني وارا ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪ?? سالياني آمدني 2023ع تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي ملڪن ۾ اؤسر ??مود جو شڪار آهي. انه?? ملڪن جي في ڪ?? سالياني مجموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سالن ۾ سالياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سان وڌي آهي. عالمي بئنڪ مطابق جيڪڏهن ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه آئي ته گهٽ آمدني وار?? ملڪن مان صرف 6 2050ع تائين وچولي درجي جي آمدني وار?? ملڪن شامل ٿي سگهندا. عالمي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ۽ ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته ايندڙ 25 سالن ۾ غريب تري?? ملڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر ??و هڪ اهم موقعو آهي، عالمي برادري، ترقياتي ڀائيوارن کي به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ انه?? ملڪن جي في ڪ?? آمدني ۾ عملي طور تي ڪ??به واڌ نه ٿي آهي. پر اوڀر، ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سان جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اق??صا??ي ترقيءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي سگهنديون.