اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاص?? کچي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي جي ترقي جو لازمي حصو بڻجي چڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن اداري کي جديد رخن تي قائم ڪري روينيو ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا ٽيم ??ٽ اهڙي مهارت آهي جيڪا پيشيواراڻي ذميواري ادا ڪرڻ کانسواءِ روزاني زندگي ۾ انهن جي تمام گهڻو ڪم ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون س??ل شروع ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي ڪيو. سيڪشن انچارج عارف حسين لاشاري ۽ نائب انچارج عباس شگري ايم ڊي محمد عاص?? کچي کي پنهنجي ٽ??م پاران گلدستو پيش ڪي?? ۽ ??يو ته توهان جي رهنمائي ۽ سرپرستي کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي وڌڻ مشڪل هو. توهان سوشل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽ??م کي نه رڳو ڀرپور اعتماد ڏنو پر انهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون جنهن جي ڪري اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. توهان جا انتهائي ٿورائتا آهيون جو توهان هن سيڪشن جي لاءِ خصوصي وقت ڪڍيو.