اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغي صحت جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو ته آهي ته ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ سان دماغي صحت تي منفي اثر پوندا آهن، وڌ کان وڌ وسيلا حاصل ڪرڻ جي مقابلي سان ڊپريشن وڌندي آهي، جڏهن ته ??ما??ي ڀلائي ۽ غريبن جي مدد سان خوشي ۽ اطمينان حاصل ٿيندو آهي، ميڊيا کي ذهني صحت بابت آگاهي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دماغي صحت تي پارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊپريشن جو سبب بڻجندڙ ڳالهين تي روشني وج??ندي چيو ته مادي ترقي سان خوشين کي ڳنڍڻ مسئلن جو سبب بڻجندو آهي.