اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪور??نا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪور??نا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانف??نس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪور??نا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪور??نا وائرس جي عالمي وبا ج?? غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.