اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغان قو??ي مفاهمت بات اعليٰ سطحيِ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪ??ي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي پاڪستان جي افغانستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائ?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جن جو بنياد مذهب، ثقافت، تاريخ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي رابطن تي آهي، جي اهميت اجاگر ڪندي هر شعبي ۾ لاڳاپا وڌائ?? جي ضرورت جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.